اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزا?? ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت جي فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار ??ا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار ??بدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آزا?? ڪشمير جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاء?? قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزا?? ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، بنيادي صحت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آبادي جي لاءِ منصوبا شامل آهن.