ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغانستا?? ۾ ??ستحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبور?? تصور ڪي?? ويندو، افغا?? ۾ ??اعش موجود ناهي. افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪي?? ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، ج?? ۾ ??ورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته عبو??ي ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪي?? ويندو. عالمي برادري افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آهي. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغانستا?? ۾ ??ستحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته افغانستان ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته سهڪار جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغانستا?? ۾ ??ڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغانستا?? ۾ ??من جا خواهشمند آهن اهي افغانستا?? ۾ ??ياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ملڪ افغانستا?? ۾ ??ستحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته افغانستا?? ۾ ??لدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪي??ن وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغانستا?? ۾ ??اعش موجود ناهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪي?? ويو آهي. هن چيو ته عورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبو??ي ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪي??.