اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اس??ن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ ان جو نظام فلپائن ج?? چونڊن ۾ اس??عمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ مشين کان وڌيڪ بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ف??پائن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ج?? چونڊن ۾ اس??عمال جي تاريخ بابت انگ اکر انتهائي اهم آهن، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي اس??عمال سان ووٽرن جي اعتماد ۾ اضافو، اليڪشن پٽيشنز، قتل ۽ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي. انگن اکرن موجب فلپائن ۾ 2007ع ج?? چونڊن ۾ روايتي ڪاغذ جي ذريعي ووٽنگ جي نظام سان 6 هفتن کانپوءِ چونڊن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي اس??عمال جي ذريعي ووٽنگ ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. فلپائن ۾ 2007ع ۾ 35 سيڪڙو ماڻهو ان تي اعتماد ڪندا هئا جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اعتماد جي اها سطح 75 سيڪڙو ۽ 89 سيڪڙو تائين پهچي وئي. 2007ع ج?? چونڊن کانپوءِ چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ هڪ ??زا?? پٽيشنز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 2010ع ۾ 49 ۽ 2019ع ج?? چونڊن ۾ 11 پٽيشنز داخل ڪيون ويون. صدر چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙي تبديلي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. اس??ن وٽ ووٽنگ مشين سان گڏ ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ اس??ن جو نظام ان سان به وڌيڪ بهتر آهي.