??سل??م آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته وزيراعظم بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ حڪومت کي فو??ي طور تي ڪڻڪ رليز ڪرڻ جو چوي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جون قيمتون سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن جنهن جو سبب اهو آهي ??ه سنڌ حڪومت 12 لک ٽن ڪڻڪ جي رليز روڪي رکي آهي، ان کان پهرين سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي.