اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت پاڙيسري ملڪن جي خواهش آهي، داعش مان ڇوٽڪاري جي لاءِ طالبان ب??ترين ۽ واحد آپش آهن، انهن کي اڪيلو ڪرڻ ۽ پابنديون هڻن سان افراتفري ۽ انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ افراتفري سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿيندو، افغانستان مان انخلا کانپوءِ جي حالتن سان آمريڪي صدمي ۾ آهن، آمريڪا کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آمريڪي عوام کي اصل صورتحال کان ڪڏهن ب?? آگاهه ئي نه ڪيو ويو، تحريڪ طالبان پاڪستان جي جن ماڻهن سان صلح ٿي سگهي ٿي انهن سان ??ال??ين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي، پاڪستان انهن کي الحاق کانسواءِ به آپشن ڏنو آهي، جيڪڏهن اه?? آزاد ملڪ طور رهڻ چاهين ٿا ته انهن کي اه?? جمهوري حق حاصل هوندو، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان وچ اوڀر جي ڪنهن ملڪ اسان تي دٻاءُ ناهي وڌو، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، هو پنهنجي عوام کي اعتماد ۾ وٺن کانسواءِ ڪو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي، دهشتگردي جو اسلام سان تعلق ڳنڍن صحيح نه آهي، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري مايوس ڪيو. وزيراعظم عمران خان مڊل ايسٽ آئي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته افغانستان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ پيدا ٿيندڙ واقعا اڃا ارتقائي مرحلن ۾ آهن، خبر نه آهي ته اه?? ڪهڙي طرف ويندا، آمريڪا جي انخلا کانپوءِ اتي هڪ خال پيدا ٿيندو، هر ڪو سمجهي ٿو ته هي هڪ زبردست موقعو آهي ڇو ته افغانستان انهن سمورن ملڪن جي لاءِ هڪ واپاري گذرگاهه آهي، وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي رستي بحر هند ۽ پاڪستان تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪا يا چين جو طرفدار هجڻ جي سوال بدران اقتصادي تعاون ۽ اقتصادي رابطو هجڻ گهرجي جيڪو هن خطي جي ضرورت آهي ۽ اسان اها ئي اميد ڪريون ٿا. افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 20 سالا گهرو ويڙهه سان افغانستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، حقيقت ۾ افغان حڪومت جو ڪنٽرول رڳو شهرن جي حد تائين هو، ڳوٺاڻا علائقا طالبان جي اثر هيٺ هئا، هاڻي صورتحال اها آهي ته طالبان حڪومت سنڀالي ورتي آهي، 20 ??ال?? کانپوءِ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهڙن ماڻهن سان معاملو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي ٿي، جن توهان سان گڏجي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون هونديون آهن. هن چيو ته ان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت ٺهي، طالبان حڪومت به چاهي ٿي ته انهن کي عالمي قبوليت ملي، اه?? انساني حقن سان گڏوگڏ افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي ??ال??ه ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هي افغانستان جي لاءِ تمام گهڻو نازڪ لمحو آهي، دنيا کي افغانستان سان ??ال??يون ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن انهن کي پري ڪنداسين ته وڏي آساني سان معاملا 20 سال پراڻي طالبان جي هٿن ۾ وڃي سگهن ٿا جيڪا تباهي هوندي ۽ ان سان نيٽو جي 20 سالا موجودگي، ٻه هزار ارب ڊالر جو خرچ، لکين ماڻهن جون حياتيون وڃائڻ ضايع ٿي ويندو. هن چيو ته بحران جي واپسي سان اتي افراتفري ٿيندي، افغانستان آءِ ايس آءِ ايس جهڙن دهشتگردن جي لاءِ هڪ زرخيز زمين بڻجي ويندي جيڪو حقيقت ۾ اسان سڀني جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ مستحڪم افغان حڪومت آءِ ايس آءِ ايس کي بهتر طور تي منهن ڏئي سگهي ٿي، طالبان آءِ ايس آءِ ايس مان ڇوٽڪاري جي لاءِ بهترين ۽ واحد آپشن رهجي ويا آهن، انهن کي اڪيلو ڪرڻ، انهن تي پابنديون هڻن باقي اثرن ۽ افراتفري کانسواءِ هڪ تمام وڏي انساني بحران کي جنم ڏيندو. هن چيو ته افغانستان جي اڌ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري رهي آهي، گڏيل قومن جو خيال آهي ته ايندڙ سال تائين 95 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هلي ويندي، حڪومت پنهنجي بجيٽ جي 75 سيڪڙو جي لاءِ ٻاهرئين امداد تي دارومدار ڪندي هئي، جيڪڏهن اه?? انهن کي ائين ئي ڇڏي ڏين ٿا ته خدشو اه?? آهي ته اتي صورتحال ٻيهر روسي انخلا جهڙي ٿي ويندي، جڏهن روسي نڪتا ۽ آمريڪي افغانستان کي ڇڏي هليا ويا هئا تڏهن جي افراتفري ۾ 2 لک افغانين جون جانيون ويون هيون ۽ انهي افراتفري ۾ طالبان اڀريا هئا، ان لاءِ هي هڪ نازڪ لمحو آهي ۽ آمريڪا کي پاڻ کي هوشيار ڪرڻو پوندو ڇو ته آمريڪي هن وقت صدمي واري ڪيفيت ۾ آهن، انهن جو خيال هو ته اتي جمهوريت هوندي قوم جڙندي ۽ عورتن کي آزادي ملندي پر اوچتو طالبان ٻيهر اچي ويا، سخت ڪاوڙ، حيرت ۽ صدمي جي ڪيفيت ۾ آهن جڏهن ته جيستائين آمريڪا قائدانو ڪردار نه ٿو سنڀالي اسان کي هتي ڳڻتي آهي ته افغانستان ۾ افراتفري سان جيڪو ملڪ ان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو اه?? پاڪستان آهي. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي سيڪيورٽي جي سربراهن جي آمريڪي عملدارن سان ??ال??ه ٻولهه ٿي، اسان جي پرڏيهي وزير جو آمريڪا جي پرڏيهي وزير سان رابطو آهي، اسان رابطي ۾ آهيون، اسان اه?? سڀ ??ال??يون آمريڪا سان ڪري چڪا آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون سينيٽ ۾ انهن جي ڪارروائي ٻڌي رهيو هئس، آمريڪا ۾ صدمي واري ڪيفيت آهي، انهن کي يقين نه اچي رهيو آهي ته افغانستان ۾ ٿيو ڇا آهي ڇو ته انهن کي واضح طور تي ٻڌايو ويو هو ته افغانستان ۾ جمهوريت اچي وئي آهي، عورتن کي آزاد ڪيو ويو آهي، افغان هڪ قوم بڻجي رهيا آهن جڏهن ته اه?? يقين نه ڪري رهيا آهن ته طالبان ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته افغان فوج تي اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا پر ٽي لک افغان فوج بنا وڙهڻ جي هٿيار اڇلائي ڇڏيا، اه?? آمريڪين کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ڇو ته انهن کي اصل صورتحال کان ڪڏهن آگاهه ئي نه ڪيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته هن 2008ع ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ سينيٽر بائيڊن، سينيٽر جان ڪيري ۽ هيري ريڊ سان ملاقات ۾ انهن تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل نه ٿو نڪري سگهي، ان وقت اه?? عراق جي ??ال??ه ڪري رهيا هئا، مون انهن کي چيو ته اها ان کان وڏي ڌٻڻ ثابت ٿيندي، اه?? افغانستان جي تاريخ کان واقف نه هئا، اسان جو آرمي چيف جنرل ڪياني ٻن ??ال?? کانپوءِ اتي ويو هن صدر اوباما کي چيو ته توهان تمام وڏو گند افغانستان ڇڏي ايندا جنهن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ توهان ڪو فوجي حل نه ڪڍي سگهندا، بدقسمتي سان صدر اوباما ان وقت جرنلن جي ور چڙهيل هو ۽ جرنلن سدائين وانگر وڌيڪ فوجي ۽ وقت گهريو ۽ چيو ته اسان جنگ کٽي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ روسين جي انخلا جي وقت گهرو ويڙهه جي اميد ڪري رهيا هئاسين پر اسان تمام مطمئن آهيون ڇو ته اه?? پرامن اقتدار جي منتقلي هئي، اه?? سڀني جي لاءِ سٺو ٿيو، اسان کي اه?? خدشو به هو ته رتوڇاڻ جو الزام به اسان تي ايندو پر جيئن ته 3 لک فوجين ب??ا وڙهڻ جي هٿيار اڇلائي ڇڏيا، زميني حقيقت اها هئي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ خاص طور تي طالبان تهريڪ مقبوليت حاصل ڪندي هئي اه?? ئي سبب آهي جو فوج وڙهڻ کانسواءِ هٿيار اڇلائي ڇڏيا، ٻيو اشرف عني جي حڪومت پوري طرح ڪرپٽ هئي پهريون ??ال??ه اها ته انهن کي ڪٺ پتلي حڪومت طور ڏٺو ويو ٻيو هڪ ڪرپٽ حڪومت طور ته انهن جي لاءِ وڙهي ها. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس حڪومت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته طالبان جو موقف آهي ته هي هڪ عبوري حڪومت آهي ۽ اه?? باقي ماڻهن کي به ان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا. حقيقت ۾ افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت جي ضرورت آهي ڇو ته افغانستان هڪ متنوع معاشرو آهي، ان ۾ پشتون 50 سيڪڙو آهن، اتا تاجڪ به وڏي انگ ۾ آهن، مون تاجڪستان جي صدر سان گڏجي پوري ڪوشش ڪئي اه?? ته اه?? ڪهڙي طرح گڏ ٿين، پوءِ اتي ازبڪ به آهن، ازبڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته انهن کي به گڏايو وڃي، پاڙيسرين جي ان ۾ دلچسپي آهي ته اه?? سڀ هڪ ٺوس حڪومت جوڙين جيڪا هڪ پائيدار حڪومت هجي. وزيراعظم چيو ته ڪابل ۾ عورتن جي لاءِ ثقافت ڳوٺاڻن علائقن جي مقابلي ۾ سدائين مختلف رهي آهي، ڳوٺاڻن علائقن م عورتن جون زندگيون تبديل ناهن ٿيون، اه?? ائين ئي زندگي گذارين ٿيون اها انهن جي ثقافت آهي، ان کي تبديل ٿيڻ ۾ شايد وقت لڳندو، اصل مسئلو ڪابل جو آهي جيڪڏهن توهان 50 سال اڳ ڪابل ويا هجو ها ته ڏسو ها ته ڪابل جي ثقافت باقي علائقن کان مختلف هئي، طالبان چيو آهي ته اه?? عورتن کي تعليم ڏيندا، انهن کي نوڪرين تي وڃڻ جي اجازت ڏيندا، اسلامي ثقافت موجب منهنجو خيال نه آهي ته انهن کي ان حد تائين مجبور ڪيو وڃي، آئون سمجهان ٿو ته ائين ڪرڻ سان انهن جي لاءِ اندروني مسئلا شروع ٿي ويندا، انهن کي وقت ڏيو، انهن سٺا بيان ڏنا، اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن موجود نه آهي، جيڪڏهن اسان انهن تي پابنديون هڻون ٿا ته افغانستان ۾ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي ويندو، اتي افراتفري پکڙجي ويندي، بهتر اه?? ئي آهي ته انهن کي ترغيب ڏيون ته جيڪو هو چئي رهيا آهن ان تي عمل ڪن جيڪڏهن توهان انهن کي مجبور ڪندا ته جهڙي قسم جا اه?? ماڻهو آهن اه?? مزاحمت ڪندا، اه?? ابتو نقصانڪار ثابت ٿيندو. ٽي ٽي پي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سرحد جي پاڪستاني طرف جا پشتون آهن، طالبان پشتونن جي تحريڪ آهي، افغانستان ۾ 45 کان 50 سيڪڙو پشتون آباد آهن، برطانيا پاران ڪڍي ويندڙ ڊيورنڊ لائين جي پاڪستاني طرف ٻيڻ تي پشتون آباد آهن جڏهن ته جيڪي علائقا قبائلي سڏرائين ٿا انهن جي ٻئي طرف به پشتون قبيلا آهن جتي ڪا حقيقي سرحد نه هئي، ڊيورنڊ لائين کي انهن ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اه?? آزاداڻي طور ان علائقي ۾ ايندا ويندا هئا، هاڻي اسان سرحد تي خاردار تار لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملي آور ٿيو انهن طالبان کي ڪڍي ٻاهر ڪيو ته ان طرف جي پشتونن کي افغانستان جي پشتونن سان مڪمل همدردي ٿي وئي، ان همدردي جو سبب مذهبي نظريا نه هئا پر پشتون عصيبت ۽ قوميت هئي جيڪا تمام مضبوط آهي جڏهن اسان آمريڪا جا اتحادي بڻجي وياسين ته اه?? اسان جي مخالف ٿي ويا، انهن اسان کي آمريڪا جو ساٿي چيو ۽ پاڪستان رياست تي حملي آور ٿيا ۽ پاڻ کي پاڪستاني طالبان سڏرائڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪي اسان جي اتحاد جو حصو بڻجڻ کان اڳ اسان وٽ نه هئا. هن چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو ته 50 جي لڳ ڀڳ مختلف گروهه جيڪي پاڻ کي طالبان چوندا هئا اسان تي حملي آور هئا، پاڪستان جي اندر دهشتگردي جا 16 هزار حملا ٿيا، 80 هزار پاڪستانين ان ۾ جانيون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته پشتونن سان وڙهندڙن جا اسان ساٿي نه آهيون، ان لاءِ هاڻي اسان انهن سان ??ال??يون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جن سان صلح ٿي سگهي ٿي. ڪشمير جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ان ??ال??ه جي توثيق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڪئي وئي آهي جن ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ڪشمير جي عوام کي ريفرنڊم ذريعي انهن کي فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ته ڇا اه?? ڀارت ۽ پاڪستان مان ڪنهن سان گڏ وڃڻ چاهين ٿا، انهن کي اه?? حق ڪڏهن ب?? نه ڏنو ويو پر 5 آگسٽ 2019ع تي اڃا به وڌيڪ برو ٿيو جڏهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي جيڪا انهن کي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين هئي، ڀارت 90 هزا?? فوجي موڪلي اتي ڪرفيو هڻي ڇڏيو، حقيقت ۾ هن وقت ڪشمير هڪ کليل جيل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جو مسئلو اه?? آهي ته هاڻي اسان ان کي هڪ علائقائي مسئلي طور نه ڏسي رهيا آهيون، اسان پاڪستان ۾ انهن کي هڪ ٻيو آپشن ڏنو آهي، انهن کي پاڪستان يا ڀارت سان شامل ٿيڻ بدران جيڪڏهن اه?? هڪ آزاد ملڪ طور تي رهڻ جو فيصلو ڪن ته انهن کي اه?? جمهوري حق به حاصل هوندو، هاڻي بال ڀارت جي ڪوٽ ۾ آهي، اه?? اڻڄاتل مدي تائين انهن ماڻهن کي هڪ کليل جيل ۾ نه ٿا رکي سگهن، ڀارت ٻاهران ماڻهن کي آڻي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان ب?? هڪ آئيني شق هئي جيڪا ائين ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ هئي ته ٻاهران ماڻهو آڻي ڪشمير ۾ آباد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪنوينشن ۾ به اها ??ال??ه واضح طور تي بيان ڪئي وئي آهي ته توهان هڪ والاريل ملڪ ۾ آبادي جو تناسب تبديل نه ٿا ڪري سگهو جيستائين اه?? واضح نه ٿي وڃي ته اه?? ڀارت جو حصو آهي، اصل ۾ اه?? انهن کي مسلمان اڪثريت مان مسلمان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ نيوڪليئر فليش پوائنٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ئي آهي، جتي ٻه ائٽمي ملڪ جن جي وچ ۾ ائٽمي ملڪ بڻجڻ کان اڳ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آهن پر ان وقت کان نيوڪليئر ڊيٽرنس جي ڪري اسان جي وچ ۾ جنگ نه ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪشمير ۾ خودڪش بم ڌماڪو ٿيو ۽ ان ۾ ڀارتي فوجي ماريا ويا جنهن جو الزام انهن پاڪستان تي هنيو، اسان اه?? چوندا رهياسين ته اسان کي ثبوت فراهم ڪن ۽ اسان ان جي ذميوارن کي سزا ڏينداسين ب??ڪه ان کي ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين پر اسان کي ثبوت فراهم ڪرڻ بدران انهن اسان جي مٿان ب??باري ڪئي، خوشقسمتي سان ان ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پاڪستان ان جو ردعمل ڏنو ۽ هڪ ڀارتي جنگي جهاز به ڪيرايو، ان صورتحال ۾، مون کي ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو طور لڳي ٿو ته حالتون ڪهڙي طرف به وڃي سگهيون پئي اسان انهن جي پائليٽ کي فوري طور تي واپس ڪري ڇڏيو ته جيئن صورتحال کي معمول تي آندو وڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ٻن ائٽمي طاقتن کي اهڙي صورتحال درپيش هجي جهڙي اسان کي هئي ته حالتون ڪو به رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته يو اين جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ياد ڏياريو ته گڏيل قومون اهڙي صورتحال جي خاتمي لاءِ ٺاهي وئي هئي، ڪسمير هڪ حل طلب مسئلو آهي، اه?? توهان جون پنهنجي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون آهن، گڏيل قومن جي پاس ڪيل قرارداد تي اوڀر تيمور کي حق ڏنو ويو، انهن کي ريفرنڊم ذريعي پنهنجي قسمت جو فيصو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو ۽ انهن آزادي حاصل ڪري ورتي، ڪشميرين کي اه?? حق ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، بدقسمتي سان جيڪڏهن توهان هڪ وڏو ملڪ آهيو ۽ ٻئي ملڪ جي لاءِ توهان هڪ وڏي منڊي آهيو ته توهان کي هڪ طرح جي ڇوٽ ملي وڃي ٿي ۽ توهان بچي نڪرو ٿا جڏهن ته اوڀر تيمور کي اها ڇوٽ ملي. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا آهن، نريندر مودي جي اسرائيل جي دوري جي واپسي تي ڪشمير تي چڙهائي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن سان ڇا اسان سمجهي سگهون ٿا ته انهن اتان هدايتون ورتيون ڇو ته اه?? ئي ڪجهه اسرائيل به ڪيو آهي، اسرائيل سيڪيورٽي جو ايترو مضبوط گهيراءُ ڪيو آهي ۽ هر شيءَ کي تهس نهس ڪري ڇڏين ٿا، اه?? ٻئي ملڪ ۾ پنهنجا ماڻهو موڪلين ٿا ۽ قتلام ڪن ٿا، انهن کي مڪمل طور تي ڇوٽ حاصل آهي ڇو ته يو اين جنرل اسيمبلي ڪجهه به چوي انهن کي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا جي ويٽو جي طاقت تي مڪمل اعتماد آهي ان لاءِ اه?? هر صورتحال مان بچي نڪري وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته آئون سمجهان ٿو جيئن ته هن وقت ڀارت کي چين جي خلاف مزاحمتي قوت سمجهيو وڃي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته اه?? به ائين ئي آهي ته ڀارت به ڪنهن ب?? صورتحال مان بچي نڪري ويندو. وزيراعظم چيو ته منهنجو نقطو اه?? آهي ته جڏهن اه?? اسان کي ٻين جاين تي انساني حقن جي ڏس ۾ ??ال??ه ڪرڻ جو چون ٿا انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي ته ڪشمير ۾ ٿي رهي آهي، ڪشمير کان خراب صورتحال ڪٿي به نه آهي. وچ اوڀر جي ڪنهن ملڪ پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان دباءُ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن اسان تي دٻاءُ ناهي وڌو، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، اسان پنهنجي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪو فيصلو نه ٿا ڪري سگهون. ميڊيا ۾ مسلمانن جي خلاف گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان جي لاءِ مسلمان ملڪن جي قيادت کي به ذميوار قرار ڏيان ٿو پهرين ??ال??ه اها آهي ته مسلمان ملڪن جي قيادت ان ??ال??ه جي اجازت ڇو ڏني ته دهشتگردي جو تعلق اسلام سان ڳنڍيو وڃي، اسلام جو دهشتگردي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ان وقت جڏهن ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم سامهون آئي، جنهن دنيا ۾ تباهي پکيڙي ته ڀارتي عوام چيو ته ان وائرس کي ڀارتي قسم چوڻ بدران ڊيلٽا قسم چيو وڃي، صحيح ??ال??ه آهي ته هڪ وائرس کي ڪنهن قوم سان ڇو ڳنڍيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ائين ئي دهشتگردي کي ??و ڪنهن مذهب سان ڳنڍيو وڃي، ڪو به مذهب دهشتگردي کي فروغ نه ڏيندو، نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍڻ ۽ پوءِ انتهاپسند اسلام جي ??ال??ه ڪرڻ ائين آهي جيئن اسلام جو ڪو انتهاپسند قسم آهي جيڪو دهشتگردي کي فروغ ڏي ٿو. هن چيو ته اسلام رڳو هڪ ئي آهي جيڪو اسان جي نبي ﷺ جو اسلام آهي، مسلمانن وٽ به ائين ئي آهي جيئن ڪنهن ب?? انساني برادري ۾ وچٿرا، انتهاپسند ۽ آزاد خيال ماڻهو موجود هوندا آهن، برطانيا ۾ سڪن هيڊز ايشيائي ماڻهن تي تشدد ڪندا هئا، ڇا انهن سڪن هيڊز کي برطانوي معاشري جي عڪاس طور ڏسن. وزيراعظم چيو ته توهان ڪنهن مذهب يا انساني برادري کي ان جي انتهائن جي بنياد تي نه ٿا پرکي سگهو، اه?? ماڻهو به اهڙا آهن جهڙا اسان وٽ جنوني ماڻهو هوندا آهن جيئن نيوزيلينڊ ۾ بندوق بردار شخص مسجد ۾ داخل ٿي 50 نمازين جي حياتي کسي ٿو ته جڏهن توهان انتهاپسند اسلام جي ??ال??ه ڪريو ٿا ته اولهه ۾ هڪ عام شخص، هڪ انصاف پسند ۽ انتهاپسند مسلمان ۾ ڪيئن فرق ڪندا، ته سڀ مسلمان هدف بڻجي وڃن ٿا ۽ اه?? ئي اسلامو فوبيا آهي، نائن اليون کانپوءِ جڏهن ب?? دهشتگردي جو ڪو واقعو ٿيندو هو ته ماڻهو ان اميد سان دعا ڪندا هئا ته ان جي پٺيان ڪنهن مسلمان جو هٿ نه هجي ڇو ته هر ڪنهن تي شڪ ڪيو ويندو هو، آئون ا??و ڪڏهن ب?? وساري نه ٿو سگهان ته نائن اليون کانپوءِ مون هڪ غيرملڪي صحافي فون تي چيو ته توهان کي مسلمان هجڻ تي شرم نه ٿي اچي ڇو ته 19 جنوني ماڻهن جي فعل جو ذميوار هڪ ارب 30 ڪروڙ ماڻهن کي قرار ڏنو پئي ويو. وزيراعظم چيو ته مون کي ان فون تي ڌچڪو لڳو. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ ماڻهو انتهاپسند اسلام ۽ انصاف پسند اسلام ۾ فرق نه ٿا ڪن ته هڪ عام ماڻ??و ڪيئن ڪري سگهو ٿو ان لاءِ سڀ مسلمان خاص طور تي جيڪي بظاهر پنهنجي حليي مان مسلمان نظر اچن ٿا جيڪي پنهنجو مٿو ڍڪين ٿا يا ڏاڙهي رکن ٿا اه?? هدف بڻجي ويا، انهن جي توهين ڪئي وئي، آئون انهن ماڻهن جي ??ال??ه نه ڪري رهيو آهيان جن تي تشدد ڪيو ويو يا جن کي قتل ڪيو ويو، آئون عام ماڻهن جي ??ال??ه ڪري رهيو آهيان جن کي اولهه ملڪن ۾ گهٽين ۾ گاريون ڏنيون ويون رڳو ان لاءِ ته اه?? حليي سان مسلمان ڏسڻ ۾ ايندا هئا، آئون سمجهان ٿو اها انتهائي ناانصافي هئي، مسلمان ملڪن جي قيادت کي ان بابت ??ال??ه ڪرڻ گهرجي ها ۽ انهن کي اسلام کي دهشتگردي کان جدا ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته بي ??ال??ه جنهن جي شروعات سلمان رشدي سان ٿي، اولهه جي ماڻهن ۾ مذهب جو تصور اه?? نه آهي جيڪو اسان وٽ آهي، اه?? اه?? نه ٿا سمجهي سگهن جيڪا محبت، عزت ۽ احترام نبي ﷺ جي لاءِ اسان دلين ۾ آهي. ماڻهن جي دلين ۾ ڪنهن ب?? ٻي شيءَ جي مقابلي ۾ ان جي لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ احترام آهي، مون کي خبر آهي ته اولهه ملڪن ۾ مذهب جي ڪهڙي صورتحال آهي، آئون جڏهن برطانيا ويس ته اتي حضرت عيسيٰ عليه السلام بابت برائن جي زندگي نالي مونٽي پائٿن فلائنگ سرڪس هلي رهيو هو آئون حيران رهجي ويس ڇو ته مون ائين ڪڏهن ب?? نه ڏٺو هو. اظهار راءِ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ ماڻهو جهڙي طرح زندگي گذارين ٿا ان جي خبر آهي، جيڪڏهن توهان نبي ﷺ جو تمسخر اڏايو يا توهين ڪريو جهڙوڪ سلمان رشدي ڪيو هو، ته اها مسلمانن جي لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ توهين آميز ??ال??ه آهي، سلمان رشدي نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي، ان سان مسلمانن کي تڪليف پهتي. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح هولوڪاسٽ سان يهودي برادري کي ڏک پهچي ٿو ڇو ته ان سان انهن کي تڪليف ٿئي ٿي، آئون انهن کي اه?? سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ڪنهن کي به انساني برادري کي ڏک پهچائڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي جيڪڏهن اسان کي هڪ گلوبل ويليج ۾ رهڻو آهي ته هر انساني برادري کي اه?? ٻڌائڻ گهرجي ته ڪهڙي شيءَ سان ان کي تڪليف پهچي ٿي، آئون تاريخي حوالي سان سدائين نبي ﷺ بابت اولهه جي اديبن جا ڪتاب پڙهندو آهيان اها انهن جي تشريح هوندي آهي جنهنس ان اسان اتفاق نه ٿا ڪريون پر ان تي ڪير اعتراض نه ٿو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته صدر ميڪرون کي ان ??ال??ه جو اندازو نه آهي ته اتان جي مسلمان برادري سان ڪيئن هلڻو آهي، جيستائين اه?? نه ٿا سمجهن ته اه?? بدنما سلسلو جاري رهندو، پوءِ ڪير اسان جي پيغمبر ﷺ جي توهين ڪندو، ان جو انتهائي ردعمل هوندو ۽ ان جي نتيجي ۾ پرتشدد حملو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪري فرانسيسي معاشري ۾ سخت ردعمل اچي سگهي ٿو ۽ پوءِ اه?? مسلمانن کي محدود ڪري ڇڏيندا ۽ پوءِ انهن پاران ردعمل ايندو ته اهڙي طرح اه?? هڪ چڪر ۾ ڦاسي رهجي ويندا، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ انهن کي هڪ اتفاق راءِ قائم ڪرڻو پوندو يا ته توهان کي سڀني مسلمانن کي ملڪ مان ڪڍڻو پوندو جيئن 1492ع ۾ اسپين ڪيو هو يا پوءِ گڏجي رهڻ جو ڪو ضابطو هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان وٽ پاڪستان ۾ توهين رسالت جو قانون آهي، اه?? قانون برطانيا ٺاهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني برطانيا ۾ ٿيندڙ ماحوليات جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شرڪت تي غور ڪري رهيو آهي، اسان مان ڪجهه ماڻهو قدرتي ماحول ۾ رهن ٿا، پاڪستان دنيا ۾ ٽريڪنگ جي لاءِ انتهائي خوبصورت ملڪ آهي، منهنجي سڄي زندگي قدرتي ماحول ۾ گذري آهي، مون جهڙن ماڻهن ماحولياتي تبديلي کي ايندي ڏٺو آهي، توهان ڏسي سگهو ٿا ته آهستي آهستي گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جيڪي قدرت جي ويجهو رهندا هئا انهن ب?? ان تبديلي کي محسوس ڪيو، آئون سمجهان ٿو ته يقيني طور تي دنيا کي گذريل بن ??ال?? ۾ عجيب ۽ غريب موسمي تبديلين بابت ادراڪ ٿيو ۽ جرمني جهڙا ملڪ به متاثر ٿيا، ڪيليفورنيا، سائبريا ۽ بحيره روم جي ملڪن ۾ باهه لڳي، آئون سمجهان ٿو ته ماڻهن هاڻي محسوس ڪيو آهي ۽ انساني بقاءَ جي جبلت متحرڪ ٿي آهي ته جيڪڏهن انهي رفتار سان اه?? سلسلو جاري رهيو ته صورتحال بدتر ٿي ويندي، ان لاءِ هي هنگامي صورتحال آهي مون کي رڳو ان ??ال??ه جي پريشاني آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ جا وڏا ذميوار ترقي يافته ۽ صنعتي ملڪ آهن حقيقت ۾ ان اخراج ۾ انهن جو وڏو حصو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته اه?? صحيح طور تي آواز اٿارير هيا آهن پر اه?? مشڪل فيصلا ڪرڻ جي لاءِ راضي نه آهن ڇو ته قابل تجديد ذريعن طرف تبديلي هڪ مشڪل ??ال??ه آهي، اڳ ۾ ئي يورپ ۾ گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي ??ال??ه هلي رهي آهي. هن چيو ته ان جي لاءِ ترقي، واڌويجهه جي شرح، نوڪريون ماحول کان وڌيڪ اه?? هيون، جيستائين ماحول کي انهن سڀني کان اه?? حيثيت نه ٿي ملي ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. مون کي ڊپ آهي ته اسان تمام گهڻيون ڪانفرنسون ڪنداسين، چونڊن جي لاءِ ماڻهو صحيح طور تي آواز اٿارين ٿا. هن چيو ته ڪوپ 26 کي پئسو خرچ ڪرڻو پوندو، اسان جهڙا ملڪ پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪري رهيا آهن، اسان 10 ارب وڻ لڳائي رهيا آهيون، اسان هڪ ارب وڻ لڳائڻ کان شروعات ڪئي هئي، هيستائين اسان اڍائي ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون ۽ پوءِ اسان ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهيون، هڪ اڃا هلي رهيو آهي ۽ جيڪڏهنا سان کي مالي مدد ملي وڃي ٿي ته اسان ان کي به قابل تجديد توانائي ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين ۽ پوءِ اسان مختلف طريقن سان پنهنجي پاڻي جي وسيلن کي مهفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ دريائن کي صاف ڪري پنهنجي فضا کي بهتر بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪجهه به ڪري وٺون جيستائين امير صنعتي ملڪ قدم نه ٿا کڻن، مون کي ڊپ آهي ڇو ته زهريليُون گئسُون خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو انتهائي گهٽ آهي جيڪو هڪ سيڪڙو کان ب?? گهٽ آهي.