اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪي ترقي لاءِ قوم کي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻو پوندو، حڪومت ??لوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، عالمي سياست ۾ اخلاقي قدرن جي کوٽ آهي، دنيا ۾ امن ۽ ترقي لاءِ عالمي سياست ۾ اخلاقي قدر اختيار ڪرڻا پوندا، قومون صرف قدرتي وسيلن سان نه پر فڪر ۽ سوچ سان ترقي ڪنديون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي، بلوچستان جي نوجوانن ۽ عورتن کي حڪومتي قرض اسڪيمن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪن??ي چيو ته قوم خاص طور تي نوجوان نسل کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجون توانايون خرچ ڪرڻ گه??جن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي سان اسان قومن جي صف ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، ملڪي ترقي ۽ وسيلن جي حل لاءِ گروهي ۽ ذاتي مفادن کي مٿانهون رکڻو پوندو. صدر چيو ته دنيا کي فيڪ نيوز جهڙا وڏا چئلينج درپيش آهن، نوجوانن کي فيڪ نيوز کي منهن ڏيڻ لاءِ آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان کان اڳ ورڪشاپ جي منتظمين صدر کي ورڪشاپ جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي عوام ۾ بيمارين جي باري ۾ آگاهي، انهن جي ازالي ۽ ٻين منصوبن بابت قدمن کي ساراهيو. صدر کي ٻڌايو ويو ته 4 هفتن تي مشتمل ڪورس جي شرڪت ڪندڙن پاڪ – افغان سرحد ۽ پاڪستان جي ايران سان جڙيل سرحد جو دورو ڪيو آهي جڏهن ته هنن ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف مقامن جو به دورو ڪيو، ڪورس جي شرڪت ڪندڙن آخري هفتي ۾ قومي سطح جي قيادت سان ملاقاتون ڪري رهي آهي ۽ ايوان صدر انهن جو اچڻ ان جو حصو آهي، شرڪت ڪندڙن ان دوران ملڪ جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. صدر ايوان صدر آمد تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪن??ي چيو ته اهڙن ورڪشاپس جو تعداد وڌائڻ گه??جي. صدر قرضن جي فراهمي ۽ ڪامياب جوان پروگرام جو ذڪر ڪن??ي چيو ته مقامي قيادت ۽ ميڊيا کي ان باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام ۾ وڏي پئماني تي رقم مختص ڪئي آهي جنهن سان نوجوانن خاص طور تي عورتن کي فائدو کڻڻ گه??جي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، حڪومت ڪورونا جي وبا دوران ڀرپور طريقي سان پنهنجون ذميداريون پوريون ڪيون، پاڪستاني عوام به خدمت ??لق جي جذتي تحت ڀرپور ڪم ڪيو جيڪو و??کا?? جوڳو آهي، هن چيو ته حڪومت ??ورتن ۽ نوجوانن لاءِ صرف اسڪيم جاري ڪئي آهي ۽ بئنڪ الاسلامي 10 لک روپين تائين جا بنا وياج قرض فراهم ڪري رهيو آهي جڏهن ته فرسٽ وومين بئنڪ به قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيٽ جي ذريعي درخواستون وصول ڪري رهيو آهي، حڪومت ??رڪاري ادارن سان گڏوگڏ راندين جي مختلف فيڊريشنز کي به بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته گرين انرجي جي فروغ لاءِ ايوان صدر کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ خدمت ??لق جي لاءِ نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي انجمن هلال احمر پاڪستان، بوائز اسڪائوٽس ۽ گرل گائيڊز کي گڏجي ڪم ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي.