اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي??ان اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳ??پا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي ??وري دو??ان اي??ان جي ??در سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دو??ان ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳ??پا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??رورت آهي، ملاقات دو??ان افغانستان جي ??ورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي صدرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ اي??ان جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳ??پا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ايراني صدر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي اي??ان جي ??صولي موقف تي ايراني صدر جا ٿورا مڃيا. صدر اي??ان جي ??در کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت کي ورجايو ۽ اي??ان جي ??در سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي اي??ان جي ??وري جي ??عوت ڏني.