اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جهڙن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي پئسن سان خريداري ڪئي هجي ته کين خبر هجي ته مهانگائي ڇا کي چوندا آهن، پوري دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ان حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي الي??شن ۾ ن ليگ آخري نمبر تي آهي، ان تي ندامت ٿيڻ گهرجي. مريم صفدر جي بيان ۾ پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪي پي ڪي بلدياتي الي??شن ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ هڪ سيٽ تي درجنين پارٽي ڪارڪنن جي دلچسپي جون درخواستون مليون، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير وانگر ن ليگ کي ڪي پي ڪي جي بلدياتي الي??شن ۾ عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، هن چيو ته ڪاش مريم صفدر اڄ ڪي پي ڪي جي الي??شن ۾ شڪست کي کلي دل سان تسليم ??ري ها، هن چيو ته عمران خان کي 2018ع جي الي??شن ۾ 5 سالا حڪومت جو مينڊيٽ عوام ڏنو آهي، پنهنجو مدو مڪمل ايندڙ الي??شن ۾ به ڪلين سوئيپ لاءِ پرعزم آهيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ته عدالتي ڀڳوڙو آهي، همت هجي ها ته ائين علاج جو بهانو بڻائي فرار نه ٿئي ها، ن ليگ تقسيم در تقسيم ٿي چڪي آهي، پهرين پارٽي قيادت جو فيصلو ڪري وٺو، شهباز شريف متحرڪ ٿئي ٿو ته مريم صفدر ٻن مهينن جي آرام تي هلي ويندي ??هي.