ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف فلاحي تنظيمن جي ??ماجي ڪمن ??ي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائي لاءِ جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي ??ربراهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي جي ڊي سي جي ??ربراهه صدر کي غيرسرڪاري تنظيم پاران جاري سماجي ڀلائي جي ??رگرمين بابت آگاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، ??اشن جي فراهمي، خوراڪ جي مرڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت بريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي ??حساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ??شمول آسان قرض، فني تربيتي پروگرام ۽ ماءُ جي لاءِ غذائي امداد مان فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي ??هنمائي ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي ??رح تي آسان قرض فراهم ڪن. هن نجي ??عبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ نو??ري?? جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي ??ربراهه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.