اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پشاور کي جديد ترين ريپڊ بس سروس جي ڪري 2022 سسٽين ايبل ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بهترين ٽرانسپورٽ سروس جي حامل دنيا جي ٽن شهرن جي فهرست ۾ بس ريپڊ ٽرانسپورٽ ??شاور (بي آر ٽي) جو شمار هڪ وڏي ڪاميابي آهي، مملڪتي وزير چيو ته 9 فيبروري تي واشنگٽن ڊي ??ي ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿيندي.