اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب نجي ٽي وي چينل جي سينيئر پروڊيوسر اطهر متين جي مارجي وڃڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب پنهنجي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي ه??دردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ ??رحوم جي مغفرت فرمائي، هن چيو ته مون کي ان افسوسناڪ واقعي ۾ اطهر متين جي مارجڻ تي دلي صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون پونئيرن ??ان گڏ آهن. سماءَ نيوز جو سينيئر پروڊيوسر اطهر متين ڪراچي ۾ ڦورن ??ي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي.