اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ڪاروباري برادري معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، دني?? سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي، حڪومت آءِ ٽي س??ڪٽ?? ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون آهن جڏهن ته هو ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي جيتريون مراعتون ڏنيون آهن ايتريون ڪنهن ٻي شعبي کي ناهن ڏنيون ويون، آءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته افرادي قوت جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماضي ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي وئي هئي جنهن کي موجوده حڪومت بحال ڪري ڇڏي?? آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تقريب جي نتيجي ۾ اسان جي ماڻهن جو روزگار وڌندو. حڪومت نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تحت 22 لک نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. صدر واپارين تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي فائدو کڻي. صدر چيو ته موجوده حڪومت ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري آبادگارن کي اضافي 1100 سئو ارب روپيا منافعو حاصل ٿي?? آهي، ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت ۽ واپاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان قدم سان واپار ۽ انڊسٽري کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت جي تياري سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيندو، آءِ ٽي ?? اڳتي وڌڻ لاءِ حڪومت کي واپارين جو تعاون گهربل آهي، آءِ ٽي س??ڪٽ?? ??ور??ن کي بااختيار بڻائڻ جو وڏو ذريع?? آهي، حڪومت نوجوانن جي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪي?? آهي ان قدم جو مقصد نوجوانن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر چيو ته موجوده حڪومت آءِ ٽي س??ڪٽ?? لاءِ رڪارڊ مراعتن جو اعلان ڪي?? آهي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي به يقيني بڻاي?? آهي، ماضي جي ڪا به حڪومت موجوده حڪومت طرف واپاري برادري کي ڏنل سهولتن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بحال ٿيو ۽ صنعتي شعبي تقريبن 900 ارب روپيا اضافي ڪمايا. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ ضروري آهي ته هو تعليمي ادارن سان تعلق پيدا ڪري ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته شاگرد حڪومت جي اعلان ڪيل ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، فائدو کنيو ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه شاگرد تقريبن ڏيڍ لک ڊالر ڪمائي رهيا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آءِ ٽي س??ڪٽ?? ??ور??ن کي گهر ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي?? آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ ??ور??ن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، صدر چيو ته ڪو به ٻيو شعبو آءِ ٽي س??ڪٽ?? جهڙو منافعو نٿو آڻي سگهي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما ۽ آءِ ٽي جي صنعتن ۾ متوقع چيني سيڙپڪاري کانپوءِ پاڪستان جو مستقبل روشن هوندو. ان کان اڳ صدر تقريب دوران آءِ ٽي منصوبن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي ??ور??ن سميت ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.