اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آ??ي ته موجوده ڪابينا جنگي بنيادن تي غربت، مهانگائي، بيروزگاري ۽ مشڪلاتن جي خلاف ڪم ڪندي، اسان جي آڏو تمام وڏا وڏا چئلينجز آهن، معيشت تباهه حال، ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، ڪارخانا بند پيل آهن، ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري لڳائڻو آ??ي، اسان کي متحد ٿي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ م??ئل?? کي حل ڪرڻو آ??ي، سياست وقت اچن تي ڪنداسين، سخت محنت سان ملڪ جون حالتون بدلائينداسين، ماضي جي غلطين مان سب?? سکڻو پوندو، قوم جي پائي پائي بچائڻي آهي، زهريلي پروپئگنڊه جو حقيقتن سان جواب ينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ اتحادي پارٽين جي وزيرن جون وڏيون قربانيون ۽ جدوجهد آهي ۽ هڪ آئيني ۽ قانوني طريقي سان بي اعتمادي جي رٿ ۽ اعتماد جي رٿ کانپوءِ هن عهدي تي فائز ٿيو آ??يان. اتحادي پارٽين جي قيادت جا به ٿورا جنهن پنهنجي وزيرن کي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته هي هڪ وسيع البنياد اتحاد آهي جنهن جي تعريف ۽ ان تي تنقيد به ڪئي پئي وڃي، ان ۾ ٻي راءِ نه آهي ته حڪومت شامل هر پارٽي جي پنهنجي سو?? آهي پر هي اتحاد ۽ ڪابينا ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي خدمت جي لاءِ ڪم ڪندي ۽ وزير پنهنجي تجربي ۽ قابليت کي پوري طرح استعمال ۾ آڻيندا، ڏينهن رات محنت ڪري ڪاميابي حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته چئني صوبن جي عوام توهان مان اميدون رکيو ويٺي آهي، ان ۾ شڪ نه آهي ته خلوص ۽ نيڪ نيتي سان پاسو پلٽينداسين. وزيراعظم چيو ته هي هڪ جنگي ڪابينا آهي، اسان کي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف جنگ ڪرڻي آهي ۽ هي انهن مشڪلاتن جي خلاف جنگ آهي جن تي ضابطو آڻڻ ۾ اڳوڻي حڪومت بري طرح ناڪام رهي آهي، اميد آهي ته مشاورت جو عمل مسلسل جاري رهندو، ڪابينا ۽ ٻين فورمن تي گڏجي اڳتي وڌنداسين، ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ اٺ ڏهه ڏينهن لڳي ويا آهن، اسان جي مٿان تنقيد به ٿي آهي پر هاڻي هڪ تجربيڪار ۽ قابليت رکندڙ وزيرن تي ٻڌل ڪابينا جوڙي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت آڏو وڏا چئلينجز آهن جن ۾ لوڊشيڊنگ جو چئلينج به آهي، ڪابينا کي ٻارڻ، تيل ۽ گئس نه هجڻ جي سببن ۽ لوڊشيڊنگ تي بريفنگ ڏني ويندي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، پوءِ ان کانپوءِ اجتماعي دانش کي استعمال ۾ آڻي قوم جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪري سگهبا ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ پنجاب سميت وفاق جي چئني اڪائين ۽ خاص طور تي بلوچستان جي م??ئل?? جي حل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان وٽ ڪهڙا وسيلا آهن ۽ مشڪلاتن تي ڪيئن ضابطو آڻڻو آ??ي ۽ ان جي لاءِ اسان کي پورو زور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته هي هڪ چئلينج به آهي ۽ موقعو به آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي مخلوط حڪومت آهي پر جيڪڏهن خلوص، درد دل ۽ عزم سان ڪم ڪنداسين ته پهاڙ جيڏيُون مشڪلاتُون ۽ درياءَ جيڏا مسئلا به ختم ٿي ويندا، اسان جي اندر حالتن کي بدلائڻ ۽ بهتر پاڪستان جي لاءِ جذبو هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهو هاڻي توهان تي آهي ته ڪهڙي طرح گڏيل مشاورت ۽ ٻڌيءَ سان معاملن کي حل ڪرڻو آ??ي، هي ملڪ جي پهرين ڪ??بينا آهي جيڪا جهرلو جي پيداوار حڪومت کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان هٽائي وجود ۾ آئي آهي، ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، ان ٻڏل ٻيڙي کي اسان کي ڪناري لڳائڻو آ??ي، هر طرف مسئلا آهن، وسيلا پاڻ ڳولڻا آهن جيڪي تمام محدود آهن، معيشت تباهه حال آهي، ملڪ کي مفلوڪ الحال کان بچائڻو آ??ي، درجنين ڪ??رخانا بجلي ۽ ٻارڻ نه هجڻ جي سبب بند پيل آهن، هي اهي مسئلا آهن جن کي اسان کي گڏجي حل ڪرڻو آ??ي، جڏهن وقت ايندو ته سياست به ڪنداسين، اليڪشن ۾ سموريون پارٽيون پنهنجو منشور، سوچ ۽ پروگرام موجب عوام وٽ وينديون، اڄ اسان کي گڏجي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آ??ي، ان جي لاءِ جيتريون به قربانيون ڏيڻيون پيون اهي گهٽ هونديون ۽ پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق قائم رکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته زهريلي پروپئگنڊه جو حقيقتن سان جواب ڏيڻو پوندو، حقيقتون ٽوڙي مروڙي ۽ غلط بياني ڪري نه، سچائي ڪوڙ کي زمين بوس ڪري ڇڏيندي. وزيراعظم چيو ته محنت ڪري قوم جي پائي پائي بچائڻي آهي، گذريل ساڍا ٽي پوڻا سال ۾ ڪرپشن عروج تي هئي، ان کي ختم ڪرڻو آ??ي، قوم جو هر ٻار قرضن ۾ جڪڙيل آهي، ان دردناڪ صورتحال کي سامهون رکي اسان کي ڪم ڪرڻو آ??ي، دنيا جون حالتون اسان جي سامهو?? آهن، جرمني کي ٻي جنگ عظيم ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو، اهڙي طرح جاپان تي ائٽم بم ڪيرائڻ سان جيڪي حالتون ٿيون اهي به اسان جي سامهو?? آهن پر انهن ٻنهي ملڪن جي عوام محنت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪ کي پيرن تي بيهاري ڇڏيو، ترقي ۽ خوشحالي جي مقناطيسي طاقت سان اهي ٻيهر عروج تائين پهچي ويا ۽ ترقي يافته ترين قومن جي صف ۾ شامل ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته قرآن پاڪ ۽ نبي ڪريم ﷺ جو زندگيءَ مُبارڪ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم جو مثال به اسان جي سامهو?? آهي ته هن ناممڪن کي ممڪن ڪ??ي ڏيکاريو، سياستدانن سان گڏوگڏ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ بيوروڪريسي سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو اهو سڀ ڄاڻين ٿا، سرڪاري آفيسرن کي واعده معاف گواهه بڻائڻ جي لاءِ خوفزده ڪيو ويو، پوڻي چئن سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ناقابل يقي?? آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙي طرح جي فسطائيت، سنگدلي، ظلم ۽ بدترين انتقامي ڪاررواين جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي، سول سروس، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ڊاڪٽرز، انجنيئر سڀني کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آ??ي، اسان کي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران يقين محڪم، مستقل مزاجي، حوصلا افزائي ۽ شاباس سان انهن کي حوصلو ملندو ۽ ان سان پاڪستان جي عوام جون حالتون تبديل ٿينديون پر اهو ڪم جادو جي لٺ سان نه ٿيندو، ان جي لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي مٽيءَ ۾ مٽي ٿيڻو پوندو، عوام جي خدمت ۾ لڳي وڃو، دنيا جي ڪا طاقت پهاڙ، سمنڊ توهان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجندو. وزيراعظم چيو ته اتحاد، اتفاق ۽ مشاورت سان وڏا وڏا مسئلا به حل ٿي ويندا. ڪابينا جي ميمبرن کي مخاطب ڪندي وزيراعظم چيو ته توهان کي منهنجي رهنمائي ڪرڻي آهي، هي ڪرسيءَ توهان جي آهي، پنهنجي گڏيل دانش، جدوجهد ۽ ڪوششن سان ان تي ويهاريو آ??ي، توهان جي امانت جو امي?? آهيان، مون کي مشورا ڏيڻا آهن ڀلي اهي تلخ به هجن. وزيراعظم چيو ته قائداعظم ۽ ان جي ساٿين رت جا درياءَ پار ڪري ۽ لکين جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان قائم ڪيو آ??ي، اڄ پاڪستان جون جيڪي حالتو?? آهن ان سان قائداعظم جو روح به تڙپي رهيو هوندو ته ڇا هي اهو پاڪستا?? آهي جنهن جي لاءِ اسان قربانيون ڏنيون هيون. وزيراعظم چيو ته هن ڀاشا ڊيم جو دورو ڪيو آ??ي، جيڪڏهن اڳ ۾ ڊيم ٺهي وڃن ها ته اڄ اسان کي ٿرمل پاور جي ضرورت نه هجي ها، سستي بجلي ملي ها ۽ ٻوڏ کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ها پر اهو معاملو تڪليف ۽ پريشاني کي سمجهڻ جو آ??ي ۽ پنهنجي ذهنن کي جنجهوڙڻ جو آ??ي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سب?? سکڻو پوندو، محنت، محنت ۽ محنت ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آ??ي، اٿو ۽ مايوس نه ٿيو، مايوسي کي محنت ۾ بدلائي ڇڏيو، الله تعاليٰ ڪرم ڪندو ۽ 75 سالن جون مشڪلاتون خوشين ۾ بدلجي وينديون، مشڪلاتون ضرور آهن پر ناممڪن ڪ??هه ناهي هوندو.