اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. اها ڳالهه هن سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ميڊيا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانونسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو وي?? ته پيمرا قانون ۾ مشاورت سان قانونسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿي?? ته فيڪ نيوز سان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد ک?? نقصان پهچائڻ جو تدارڪ ٿيندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو. هن چي?? ته صحافت جي موت سياست ۽ جمهوريت جي موت آهي، جمهوريت ۽ آئين جي پيداوار ئي اظهار راءِ جي اهميت ۽ قدر ڄاڻي ٿي. هن چي?? ته سياست، صحافت ۽ عوام تي چار سال قيامت جا گذريا آهن، چينل، ڪالم، پروگرام، زبان ۽ اک بند ڪري قوم جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چي?? ته اسان صحافي برادري جي مشاورت سان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ميڊيا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چي?? ته چار سالن ۾ ملڪ جي معيشت وانگر ميڊيا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چي?? ته صحافين جي معاشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته جلد انهن کي پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪريون. هن چي?? ته اڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻارن جي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چي?? ته اسان ملڪ جي معاشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چي?? ته غيرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ايف يو جي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. مريم اورنگزيب چي?? ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، چوري پڪڙي ??و، عمران خان ان کي غدار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چي?? ته غيرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ميڊيا تي گند اڇاليندڙن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتشاري فسادي بيانيي جي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چي?? ته سياستدانن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ميڊيا هوندي آهي، اسان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي ت?? وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران ڳوڻي حڪومت جي ڪارن قانونن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چي?? ته اطلاعات وار?? وفاقي وزير عهدو سنڀاليندي ئي پي ايم ڊي اي جي ڪاري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اميد آهي جمهوري حڪومت جمهوري مزاج برقرار رکندي، آئين سان پيدا ٿيندڙ آزادي کي سگهه ملندي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ج?? وفد مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي ??ڻ مبارڪباد پيش ڪئي.