لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف پيپلزپارٽي جي ??فد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز ا??رف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي ??قين آهي ته قوم آئين پاڪس??ان جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪس??ان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئين سان گڏ نٿو هلي ان سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئين پاڪس??ان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ??يهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪس??ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي، آئين سان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آهي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪس??ان ۽ سمورن ادارن سان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪس??ان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت سان پنهنجون ذميدا??يو?? ۽ پارلياماني نظام کي ??ضبوط بڻائڻ لاءِ سمو??يو?? صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.