اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀ??يل ٽرڪ اڄ رات خوست ر??اني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات ر??انو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان سان ڀ??يل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روانگي ۽ افغان عملدا??ن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران انسا??ي همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.