اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم ??زادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفظ خان ط??فان جاري بيان مطابق 14 آگسٽ جي ڏينهن پي آءِ اي سڀني اڏامن تي جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اڏامن تي قوم ??ي نئين معمار ٻارن جهنڊن وارا ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طور تي م??ي نغما ڳايا ويا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ پيش ڪيا ويا. انهن تقريبن جو انتظام پاڪستان جي 75هين يوم ??زادي جي موقعي تي ڪيو ويو آهي.