اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تڪبر ۽ خودپسندي ج?? ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن اداري، ان جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپ??ل آهي ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڏين. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهواسين جي مدد تي ئي قوم ۽ ميڊيا پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرين جي جذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متاثرين جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي ج??ڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آهيان ان لاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ا??م ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي ج??ڪو پنهنجي سياست جي لاءِ شهيدن جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.