نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته اها اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو اداراجاتي فريم ورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي، يمن کان ??ام تائين مسلمان ??نيا اڪثر غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ تڪرارن ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ آهي، پاڪستان ڀارت سان ??من جو خواهشمند آهي، جيستائين ڪشمير جو تڪرار حل نه ٿو ٿئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سالياني رابطا اجلاس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان ??فتتاحي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان مخلصاڻي ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جڏهن ته اهڙي قسم جي ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي، ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع کان ??روع ڪيل هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي ملتوي ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير اسان ??و گڏيل ڪاز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان ??اگرافيائي، عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان ڳنڍيل آهن، ڪشمير پاڪستان ??هي ۽ پاڪستان ڪشمير آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت زبردستي قبضو ڪري رکيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قرارداد منظور ڪئي هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مڃيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو جڏهن ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي واعدي تان ڦري ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا آهن، ڀارت اتي پنهنجي 9 لک فوج مقرر ڪري رکي آهي ۽ وحشت ۽ ظلمن جو بازار گرم ڪري رکيو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون ۽ حراستي قتل به شامل آهي. 15 هزار ڪشميري نوجوانن جو اغوا، انهن تي تشدد، پوري ڪشميري سياسي قيادت کي قيد ڪرڻ، ڳوٺن ۽ پاڙن کي اجتماعي سزا جي طور تي ساڙڻ جهڙا ظلم ڪيا پيا و??ن، ڏاڍ جي اها مهم هندوتوا جي نظريي ۽ مسلمانن سان نفرت جي بنياد تي هلائي وڃي ٿي. جينوسائيڊ واچ والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي خدشن کان ??بردار ڪيو آهي. هن چيو ته ٽي سال گذرڻ کانپوءِ ڀارت جي نئين آبادياتي الحاق جي مهم ڪامياب نه ٿي ۽ ڀارت ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، ??لله تعاليٰ جي مرضي آهي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي دليراڻي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندي. هن ان ??زم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته اسلامي ملڪ دنيا کي درپيش سياسي، اقتصادي، آبهوا ۽ ٻين چئلينجز جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ردعمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 1945ع ۾ اسلامي ملڪ جنگ کانپوءِ جي عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ پنهنجي عوام جي اهم مفادن جو اظهار، وڪالت يا دفاع ڪرڻ کان قاصر رهيا. اسان مان ??ڪثر ملڪ گڏيل قومن جي منشور جي جوڙجڪ ۾ شامل نه هئا، ان ??ي نتيجي ۾ ڪو به اسلامي ملڪ ويٽو جي حقن سان ??لامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر نه آهي. هن چيو ته ٻي سڀ کان وڏي عالمي تنظيم طور پنهنجي هر ميمبر ملڪن جي قومي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، مقصد جي لاءِ اسان کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي منشور ۾ شامل امن ۽ انصاف جي اصولن جي مستقل پابندي کي يقيني بڻائڻ گهرجي، اسان کي اسلامي دنيا جي اندر ۽ ٻاهر سمورن تڪرارن ۾ انصاف سان ??من کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته فلسطين اسان ??و گڏيل ڪاز آهي ۽ اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته او آءِ سي جو مقصد والاريل فلسطين جي ماڻهن جي لاءِ امن ۽ انصاف کي فروغ ڏيڻ ۽ القدس الشريف کي آزاد ڪرائڻ آهي، اسان کي فلسطين ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري جي حق جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، انهن جي پنهنجي رياست هجڻ گهرجي جنهن جي 1967ع کان ??ڳ جون سرحدون آهن ۽ القدس الشريف کي آزاد فلسطيني رياست جو گادي وارو شهر بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت 40 سالن کانپوءِ افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي بحالي جو حقيقي موقعو آهي. اڄ ڪا گهرو ويڙهه نه آهي، هڪ حڪ??مت پوري ملڪ کي ڪنٽرول ڪري ٿي. هن چيو ته اسان کي ان ??ڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ انهن قوتن کي روڪڻ گهرجي جيڪي تڪرارن کي بحال ڪرڻ، وڌيڪ پناهگيرن کي پيدا ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خطري ۾ شدت آڻڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ??عودي عرب سان گڏجي 19 ڊسمبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 71 هون غيرمعمولي اجلاس گهرايو هو، ??سان گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته او آءِ سي افغانستان ??ي ماڻهن جي مدد ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ضرور ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ??و آءِ سي هيومينٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو، ??و آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ، افغانستان ??ي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ڪابل ۾ او آءِ سي جي مشن کي سگهه ڏيڻ به شامل آهي. هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ امن جي بحالي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستانجي انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو ڪابل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه آهي، افغان ??ملدارن کي او آءِ سي تي ڪنهن به ٻي عالمي تنظيم کان وڌيڪ اعمتاد اهي، او آءِ سي جي عالم سڳورن جي وفد ڪابل جو دورو ڪيو ۽ اتان ??ي عملدارن سان ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اسان ??ي رضامندي ۽ سعودي عرب جي حمايت سان ??سان ??صوصي ايلچي جي آفيس کي هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. انهن سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي آهي ۽ علائقائي ۽ ٻين ملڪن جو دورو ڪيو آهي، آئون ان ??ي رپورٽس ملڻ جو منتظر آهيان. هن اسلامي دنيا جي اندر ڪيترن ئي حل طلب تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، يمن کان ??ام تائين مسلمان ??نيا اڪثر غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ تڪرارن ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ آهي، اڄ جا 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عالمي تڪرار ۽ سيڪيورٽي چئلينجز او آءِ سي ملڪن جي اندر آهن. بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها اسلامي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اداراجاتي فريمورڪ ۽ طريقيڪار جوڙي، اهو ضروري آهي ته اسان ??ن ڳالهه جي نشاندهي ڪريون ته او آءِ سي ڪهڙي طرح مسلمان ??نيا جي اندر ۽ ٻاهر تڪرارن جي روڪٿام، ثالثي، مفاهمت ۽ امن جي تعمير کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري اوزارن سان ليس ڪري سگهي ٿي. هن او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ تي ڳالهائيندي خوشي جو اظهار ڪيو جيئن ته اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو هو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موجوده اجلاس دوران ??و آءِ سي ملڪن کي ٻين اسرندڙ ملڪن سان گڏجي ڪوويڊ 19 وبائي مرض کان ??حالي تائين جي ٽيڻ چئلينج، ايس ڊي جيز جي ڪاميابي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ انتهائي المناڪ صورتحال سامهون آئي آهي، موسمياتي تبديلي انسانيت جي وجود جي لاءِ خطرو آهي، اسان ??سلامي دنيا ۾ پنهنجي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراخدلاڻي مدد ڪئي، پاڪستان پنهنجي عوام جي بهادري جي ڪري مضبوط ۽ بهتر ٿي اڀرندو. هن چيو ته اهو خوش آئنده آهي ته اسان ??و او آءِ سي جو ميمبر ملڪ مصر ساليانو موسمياتي ڳالهه ٻولهه جو ميزبان ??هي ۽ ايندڙ سال ان ??والي سان ڪوششن جي قيادت ڪندو، پاڪستان ??ن جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڪوپ 27 سياسي عزم جي تجديد ڪندو ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جنهن جو موسمياتي سيڙپڪاري جي لاءِ واعدو ڪيو هو، کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ذريعن کي استعمال ۾ آڻيندو.