اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو مجموعي تعداد وڌي 1486 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ماڻهو فوت ٿيا، برساتن جي موسم جي آغا کان هن وقت ??ائ??ن 12749 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اي?? ڊي اي?? اي) معمول جي بنياد تي 24 ڪلاڪن جي صورتحال جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيل شديد برساتن جي ڪري مجموعي طور تي جاني، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصانن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب تيز برساتن ۽ طوفاني ٻوڏ سبب متاثر مختلف علائقن ۾ فوتگيون ٿيون آهن، بلوچستان ۾ قلعه سيف الله ۾ هڪ مرد، ??ور?? ۽ ٻار فوت ٿيو، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ هڪ ماڻهو ۽ ٻار جي فوت ٿين ۽ هڪ ماڻهو جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، گلگت بلتستان، پنجاب، سنڌ ۽ آزاد ڄمون ?? ڪشمير ۾ ڪو به حادثو يا نقصان ناهي ٿيو، انگن اکرن موجب تيز برساتن سان بلوچستان ۾ 300 ڪلوميٽر رستن کي نقصان پهتو جڏهن ته 10336 چوپاي?? مال مري ويو جڏهن ته تيز برساتن جي واقعن ۾ 5091 گهرن کي نقصان پهتو جنهن ۾ 2166 مڪمل طور تي تباهه ۽ 2925 کي جزوي نقصان پهتو، هن وقت ??ائ??ن ٿيندڙ ??جموعي نقصانن موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ?? ڪشمير سميت سمورن صوبن جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن جي ڪري تقريبن 12718 ڪلوميٽر روڊ، 390 پل ۽ 1760372 گهرن ۽ 918473 چوپائي مال کي نقصان پهتو آهي، اي?? ڊي اي?? اي جي رپورٽ ۾ ٻڌاي?? ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 81 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو جنهن ۾ تقريبن 33,046,329 ماڻهو متاثر ٿيا، مختلف امدادي ڪاررواي?? ۾ 179281 ماڻهن کي بچاي?? ويو ۽ 546288 ماڻهو ڪيمپن ۾ رهن پيا. نقصانن جي ڪاٿي لاءِ بلوچستان جي 30 ضلعن ۾ گڏيل سروي شروع ڪيو ويو ۽ سروي لاءِ 32 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، 25 سيپٽمبر ??ائ??ن مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، گلگت بلتستان ۾ 4 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جنهن 12 سيپٽمبر کان سروي شروع ڪئي ۽ 20 سيپٽمبر ??ائ??ن مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پنجاب ۾ ٽي سروي ٽيمون فيلڊ ۾ مقرر ڪيون ويون آهن جنهن 12 سيپٽمبر کان سروي جو آغاز ڪيو ۽ 30 سيپٽمبر ??ائ??ن مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 6 ٽيمون سروي شروع ڪرڻ لاءِ موجود آهن جيڪي 15 سيپٽمبر کان شروع ٿي ۽ 15 آڪٽوبر ??ائ??ن مڪمل ڪيو ويندو، سنڌ ۾ سروي جو عملي طور تي 25 سيپٽمبر کان آغاز ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.