اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ست??ن ۽ مالديپ جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالديپ ۾ پا??ست??ن جي نامزد هاءِ ڪمشنر وائس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير خاص طور تي مالديپ سان واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن، صحت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ?? اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي صنعت ۾ تعاون جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته مالديپ عالمي معيار جي سياحتي جڳهه آهي ۽ پا??ست??ن ان جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پا??ست??ن مالديپ جي شاگردن کي مختلف تعليمي شعبن ?? چٽاڀيٽي ۽ اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پا??ست??ن جي فاصلاتي تعليم ۽ هائبرڊ لرننگ ۽ تعليمي مهارت پيش ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ او آءِ سي، سارڪ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ جي اندر تعاون جي فروغ لاءِ سمورا دستياب سفارتي طريقيڪار بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل ڪاروباري ڪائونسلن جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪندو. صدر سفير کي مالديپ جي صدر اب??اهيم محمد صالح کي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو.