اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي ??ربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي موسم اچي چڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن اين ايف آر سي سي ۾ ??نه??جي ??دارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عم??دا??ن بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي موسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي ??قيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هو ??نه??جا فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي ??ريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.