اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان ڪش??ير ۽ سڄي دنيا ۾ اڄ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن طور ڀرپور انداز سان ملهايو ويندو. سڄي دنيا آڏو ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪندا رهنداسين. ڀارت پنهنجي فوج 80 هزار کان 10 لک ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪش??يرين جي آزادي جي جذبي ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ٿي، ڪش??يري پنهنجي خوداراديت واري حق کان پوئتي نه هٽندا، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ڪش??ير مسئلي کي جرمنيءَ سپورٽ ڪيو آهي، جيڪو فعال سفارتڪاري جي علامت آهي. اهڙو اطهار هن پارليا??ان?? ڪش??ير ڪميٽي جي چيئرمين سيد باسط احمد بخاري، اي پي ايڇ سي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان ۽ ڪش??ير ۾ ڪاري ڏينهن طور ڏٺو ۽ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن ڀارت ڪش??ير اندر پنهنجي ڏاڍ، ظلم جي شروعات ڪئي هئي. ڀارت پنهنجي 80 هزار فوج ڪش??ير ۾ آن??ي هئي ان ڏينهن کان پهرين ڪش??يرين ۽ اتي جي قيادت پاڪستان سان الحاق تي صحيحي ڪئي هئي. ان کان پوءِ ڀارت مهاراجا کان پنهنجي حق ۾ هڪ صحيحي ڪرائي جنهن کي دنيا ۽ ڪش??يري اڄ تائين نٿا مڃن. هن چيو ته گڏيل قومن ڀارت جو اهو عمل رد ڪيو ۽ ڪش??يرين جي ڳالهه کي تسليم ڪيو. والاريل ڪش??ير ۾ رهندڙ ڪش??يرين ڀارتي فوج جي هر ظلم کي شڪست ڏني. هن چيو ته تڏهن کان اڄ تائين لکين ڪش??يري شه??د ٿي چڪا آهن. ڀارت حراست ۾ قتل، عدالتي قتل، عورتن ۽ ٻارن کي شه??د ڪيو آهي. انهن ئي قربانين سبب اڄ دنيا ۾ ڪش??ير مسئلو واضح آهي. هن چيو ته ڪش??يرين جي تحريڪ ۽ پاڪستان جو ان سان سهڪار ۽ امداد اهڙي طرح جاري رهندو. اهو ڪش??ير جو نه انسانيت جو ڪيس آهي، سڄي دنيا ۾ مسل??ان?? سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سڀني جي سامهون آهي، لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي رهندڙ ڪش??يرين کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪا به حڪومت هجي ان ڪش??ير مسئلي تي ڏکيا ڏينهن نه اچڻ ڏنا.هن چيو ته ڀارت پنهنجي 80 هزار فوج مان 10 لک ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪش??يرين جي آزادي واري جذبي ۾ زري جي به گهٽتائي ناهي ٿي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ کان اڳ به اهڙا ڪيترائي حملا ڪيا جن جو مقصد والاريل ڪش??ير کي پنهنجو حصو بڻائڻ آهي، ڪڏهن تڪبندين ذريعي ڪش??يرين کي تنگ ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڊوميسائيل ذريعي ٻاهرين کي رهايو وڃي ٿو. ان موقعي تي پارليا??ان?? ڪش??ير ڪميٽي جي چيئرمين سيد باسط احمد بخاري چيو ته 27 آڪٽوبر اهڙو ڪنو ڏينهن آهي جيڪو دنيا ۾ ٿيندڙ ظلمن ۾ سڀ کان وڏي ظلم جو درجو اختيار ڪري ويو آهي. ڪش??ير مسئلي بابت پاڪستاني اداري نه صرف پاڪستان پر گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي به آواز بلند ڪيو آهي.