اسلام آباد _ 1 نومبر (اي پي پي ) منصوبه بندي ،ترقي ، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي و??ير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن ڏينهن واري چين جي سرڪاري دوري دوران مختلف شعبن جي مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيون ڪيون وينديون . ايم ايل ون کان پاڪستان ۽ چين ٻنهن ملڪن جي معيشت تي مثبت اقتصادي اثر پوندا . انهن خيالن جو اظهار هن شهباز شريف سان گڏ چين جي دوري لاءِ روانگي کان اڳ ميڊ??ا سان ڳالهائيندي ڪيو . وفاقي و??ير چيو ته ا?? دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترن ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيون ڪيون وينديون . احسن اقبال چيو ته ا??م ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهن ملڪن جي معيشت تي مثبت اقتصادي اثر پوندا . هن وڌيڪ چيو ته چين صنعتي ترقي جي بنياد تي معاشي ترقي ڪئي . هاڻي سي پيڪ تحت سهڪار کي هٿي ڏينداسي . سي پيڪ صنعتي سهڪار سبب روزگار جا نوان موقعا ملندا . سي پيڪ زرعي سهڪار لاءِ به سهڪاري ثابت ??ين??و.