اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) پينٽاگون جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ??يو ويو آهي ته ترمپ انتظاميا جي دور ۾ وائٽ هائوس جي ميڊيڪل يونٽ ۾ هزارين ڊالر جي رقم غلط طريقي سان خرچ ڪئي وئي ۽ عملي جي انهن ماڻهن کي پڻ اهڙا طبي نسخا تجويز ڪيا ويا جيڪي ان جا اهل نه هئا. رائٽرز مطابق پينٽاگون جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وائٽ هائوس وڏي طبي ڪمپنين جي برانڊ نالن سبب دوائن تي لکين ڊالر غير ضروري ط??ر خرچ ڪيا جيتوڻيڪ اهي ئي دوائون ٻين ڪمپنين طرفان گهٽ قيمت ت?? دستياب هيون. اهو ميڊيڪل يونٽ وائٽ هائوس جي ملٽري آفس جو حصو آهي جنهن وفاقي حڪومت ۽ دفاع واري کاتي جي رهنما اصولن جي پاسداري ناهي ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي عملي جي اهڙن ماڻهن کي پڻ مفت خاص ??بي ۽ فو??ي ميڊيڪل سهولتون فراهم ڪيون ويون جيڪي انجا اهل نه هئا.