انقره -05 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيھ لبنان ۾ سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي اتي ترسيل پنهنجي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. رائيٽرز مطابق ترڪيه جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ شهرين تي زور ڀريو آهي، ته جيڪڏهن سندن لبنان ۾ ر??ڻ ضروري ناهي ته هو ملڪ ڇڏي ڏين، ڇو ته اتي سيڪيورٽي جي صورتحال تيزي سان خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. وزارت چ??و ته لبنان ۾ ترڪيه جي شهرين کي محتياط رهڻ گهرجي ۽ کين نبطيه، ڏکڻ لبنان، بيڪا ۽ بعلبڪ ۽ ه??مل جي علائقن ۾ نه وڃڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ترڪيه جي شهرين کي لبنان جو سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪرڻ گهرجي، ترڪيه جا شهري جن جو لبنان م ر??ڻ ضروري ناهي جيڪڏهن ممڪن هجي ته هو واپاري اڏامن ذريعي ملڪ ڇڏي وڃن.