اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان ??نهنجو خودمختياري ج?? حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذريعي والار??ل ڪشمير تي جابراڻو ڏاڍ قائم ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه سان کيڏي رهيو آهي، عالمي برادري والار??ل ڪشمير جي عوام کي انهن جي خودمختياري ج?? حق ڏيارڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان ??ڪجهتي ج?? ڏهاڙي ج?? حوالي سان ??ڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.