اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت ج?? ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، انهن نام نهاد ڀارتي جمهوريت ج?? فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت ??الاريل ڪشمير ۾ 9 ??ک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو آهي، اهڙي بنيادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت ج?? جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.