اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز س??ن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تف??يل?? ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بي??ن موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??ائيگر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ??ائيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته ??زيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ??ائيگر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي س??ن مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.