اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي، خضدار کان بسيما 110 ڪلوميٽ?? ٻن ڦاڪن واري رستي تي ڪم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين 30 رستي تي ڪم ??ڪٽ??بر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رستي جي تعمير تي 19 ارب رپيا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چيو ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم مڪمل، رستو خضدار کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چيو ته منصوبي جي 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.