اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ڪري سگهو?? ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن جو م??اد پاڪستان جي مفاد جي ابتڙ آهي، ايف اي ٽي ايف ??ان??نسازي نه ٿئي ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي ها، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ها ته مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ها، موٽروي جهڙي سانحي جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ ق??نونسازي ڪنداسين، پي ايم ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي خراج تحسين پيش ڪيو.