اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ راءِ شم??ري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل ق??من جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غ??ر جانبداراڻي راءِ شم??ري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل ق??من جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل ق??من جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل ق??من تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شم??ري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.