اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وار?? آهيان، اسا?? وڏي مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهي?? آهي، مخالف اقتصادي واڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه رڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان لاءِ به خوش آئنده ??ين??ن آهي، صنعت سازي کانسواءِ دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه آهي، رشڪئي اڪنامڪ زون سي پيڪ جو حص?? آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي پراڻي ڳالهه آهي، اسان کي چين جي صنعتي ترقي مان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زون جون زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي صنعتڪ??رن کي ڏنيون وڃن ته جيئن صنعتون قائم ٿين، بجاءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون قائم ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون صنعتون لڳنديون جنهن سان روانگي واپار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان روانگي واپار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه ٿيندو، رڳو ان??ج ۽ گله وڪرو ڪري اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، چين جهڙي طرح صنعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اڪنامڪ زون ٺاهيا اسان کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه بڻايو ويو. رشڪئي اڪنامڪ زون جي قيام سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ه?? وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪ??رن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ون ونڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪ??رن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون صنعتون هاڻي اهڙن ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيون آهن جتي لاڳت گهٽ ايندي آهي، اسان چيني سيڙپڪ??رن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آهيون. اسان ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪ??رن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فيڪٽريون لڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.