اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري ??بل?? جي نامزدگي جي حوالي سان پنهنجي فيصلي تي ??مل??رآمد يقيني بڻائي، ان ق??م سان ٻاهرين ملڪ دست??وي??ن جي تصديق ۽ مختيار نامو جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي فيصلي تي بنا دير قانون موجب ??مل??رآمد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي فيصلي تي ??مل??رامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي فيصلي ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري ??بل?? مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دست??وي??ن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان فيصلي تي ??مل??رآمد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ??مل??رآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.