اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران ايف بي آر ۾ سڌ??رن ۽ معاشي پاليسين جي تسل??ل سان ڪاروباري طبقو، صنعتڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين سان واڳيل سڀ ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائدو کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ 431 ارب ارب ج??ون ٽيڪس وصوليُون ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين جي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽيڪس گوشو??رن سان گڏ ٽيڪس ادائيگي ?? 54 ??يڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ 37 سيڪڙو، ني?? روينيو ۾ 36 سيڪڙو، گراس روينيو ۾ 32 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ريفنڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ارب ج??ن اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.