اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاناما، پيراڊائيز ۽ هاڻي پينڊورا پيپرز ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته لُٽيل دولت جي مني لانڊرنگ لاءِ هزارين آف شور ڪم??نين کي استعمال ڪيو ويو ??ن ۾ جن 700 ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، انهن کان ضرور ان لاقانونيت جي دولت جي ذريعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه لُٽ??ل رقم واپس آندي وڃي پر ان ٽيڪس چور جي پناهگاهه جو ڇا ڪجي؟ هڪ ??دي کان وڌيڪ عرصي تائين اولهه جي ڇانو هيٺ ٽيڪس پناهگاهن ۾ لُٽيل دولت لڪائڻ جي هڪ وڏي تاريخ آهي، هن چيو ??ه اها دولت ستايل يهودين ۽ منهنجي ملڪ سميت ٻين ملڪن مان لُٽي وئي، کربين ڊالر جي ان پيچيده اسڪيم جو انداز ۽ طريقيڪار بلڪل ايسٽ انڊيا ڪم??ني جي لُٽ مار جهڙو آهي، صدر چيو ??ه پاڪستان پنهنجي دولت ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ نظام بهتر ڪري رهيو ??هي، فيٽف ان ۾ اسان جي مدد ڪئي، اسان جي دولت وصول ڪندڙ ملڪ?? ڊگهي عرصي تائين دنيا جي غريبن جي استحصال سان پاڻ کي امير ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڪندر ۽ سامونڊي ڌاڙيل جي وچ ۾ مقالمي جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ علامه اقبال جي ويجهو ننڍا وڏا ڦُورو هڪجهڙآ آهن، صدر اهو مقالمو به ٽوئيٽ ڪيو.