اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪ??ي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آز??د حيثيت تي فخر هجڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان تقريبن لاءِ تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقيربن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون ملهائڻ جو مقصد متحد پاڪستا??ي قوم جو پنهنجي آزادي تي فخر جو اظهار هوندو. تقريبن ۾ قا??دا??ظم ۽ علامه اقبال جي نظرين کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن سال يوم آزادي تي دنيا ڏسندي ت?? پاڪستا??ي قوم متحد ۽ مضبوط قوم آهي،
رنگارنگ ثقافت، قدرتي وسيلن ۽ هم آهنگي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، هن هدايت ڪئي ته تقريبن جي حوالي سان تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکي جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آز??د حيثيت تي فخر هجن گهرجي، خاص مددگار شهزاد نواز وزيراعظم کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.