اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 90 لک اوورسيز پاڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانيز اسان جو اثاثو آهن، اوورسيز پاڪستانيز ??ال??انو 30 ارب ڊالر پاڪستان موڪلي رهيا آهن، مريم ص??در اليڪشن ڪميشن اچي ثابت ڪري ڇڏيو ته اڪبر ايس با??ر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، ??ريم ص??در کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، ??ي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي، ??ي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ??ال??ائيندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اوورسيز پاڪستاني ??ال??انو 30 ارب ڊالر موڪلي رهيا آهن، ن ليگ دور ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 18 ارب ڊالر هو، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪئي آهي، اسان جا پيڊ ميمبر ??ال??انو جي بنياد تي ميمبرشپ ادا ڪندا آهن، اسان کي فارن فنڊنگ ڪندڙ ماڻهو اڄ من??نج?? چوڌاري بيٺل آهن، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺڻ جا طعنا ڏيندڙ ڏسي وٺن ته اسان کي ڪهڙا ڪهڙا پاڪستاني فنڊنگ ڏيندا آهن، مريم، بلاول، زرداري، شهباز شريف سميت ڪنهن کي انهن فارن فنڊنگ ڪندڙن سان ملڻو آهي ته اچي وڃن، مملڪتي وزير چيو ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، ثابت ٿي ويو ته اڪبر ايس با??ر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، اڄ مريم ص??در پاڻ، اڪبر ايس بابر جي ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آيل آهي، ??ريم ص??در کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، ??رخ حبيب چيو ته مريم ٻڌائي ته 65 ڪروڙ ڪٿان آيا، مئل ماڻهن جا اڪائونٽس 2017ع تائين ڪير هلائيندو رهيو، گذريل ٽن مهينن کان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال تي هڪ اجلاس نه ٿي سگهيو، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، ??رخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، پيپلزپارٽي پن??نج?? 12 ڳجهن اڪائونٽن جي باري ۾ ٻڌائي، ??ضل الرحمان ڪير ٿيندو آهي جيڪو ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪري، ??ضل الرحمان ليبيا کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي، ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي مارڪ سيگل کي يو ايس اي ۾ ڇو ادائيگيون ڪندي رهي، ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ڪي ۽ آمريڪا ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري فعال ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پن??نج?? رپورٽ مڪمل ڪري، ??رخ حبيب چيو ته مريم ص??در، فضل الرحمان، زرداري پن??نج?? پارٽين جا کاتا کڻي اچن.