اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان فون تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي ??دا??ين ياد رکيو ويندو. وزيرا??ظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تع??لي?? مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.