اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخوا جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي عوامي عدالت عمران خان جي سازشي خط جي تماشي کي اڄ پوري طاقت سان رد ڪ??ي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??هو عوام جو ??هو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سازشين جي سازشي ٿيور?? دفن ڪ??ي ڇڏي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان صوبي ۾ مڙهيل نال??ئق??، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تماشو بند ڪريو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جو حساب ڏيو.