اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي ??دايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر افغانستان جي عوام جي ??اءِ هنگامي امدادي س??مان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي س??مان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجه?? ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عارضي رهائشگاهن جي س??مان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي ??اءِ انساني امداد جي ??راهمي لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي.