اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي ??عا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گلمر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مملڪتي وزير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??رڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وزير ??اڪستان جي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جاري ??رڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.