اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي ايران روانو ٿي ويو آهي. کيس دوري جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ايران جي پنهنجي پهرين دوري دوران بلاو?? ڀٽو زرداري ايراني صدر سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي س??ح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ور??و ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ور??و ويندو. خاص طور تي افغان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان جڙيل آهن.