اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ?? ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيان آهي، متاثرن جي آبادڪاري تائين سک سان نه وينداسين، ??ڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ?? ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل بيان آهي. حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سامهون رکندي ريسڪيو ۽ ر??ليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه وينداسين جيستائين متاثرن جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ سان پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيلينج وڏو آهي پر ان چيلينج کي منهن ڏيڻ جو اسان جو عزم ان کان به مضبوط آهي. آئون پوري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته هو اڳتي اچن ۽ تڪليف ۾ آيل اسان جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪن. آئون ريسڪيو ۽ ر??ليف آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بلوچستان جي و??ي وزير، صوبائي انتظاميا، اي?? ڊي اي?? اي ۽ فوج جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪيان ٿو.