فيصل آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو آهي ته ا??ان ڀارتي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڪشميري ??وام جي خلاف ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير مسئلي جي فوري ??ل لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي فيصل آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪشمير جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ڇو ته ڪشميري ??ودمختياري ??و حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدو??هد ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدو??هد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهنواز فاروقي، قاري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.