گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگ?? بلتستان جي دوري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ ??وران پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم ٻارڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻارڙي جي والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم ٻارڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ??وه??ن جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم ??وه??ن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻارڙي جي ڏک ۽ ڪرڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙي جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي جي علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.