قمبر شهدادڪوٽ – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ جو دورو ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ملاقات جي لاءِ انهن جي خيمن ۾ ويو ۽ ٻارن ۽ عورتن سميت ٻوڏ متاثرين .کان انهن جو حال احوال معلوم ڪيو، انهن کي تسلي ڏني ۽ انهن جي لاءِ حڪومتي ادارن پاران ڪيل انتظامن، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي جو جائزو ورتو. وزيراعظم متاثر??ن کان انهن جي ضرورتن ۽ مشڪلاتن بابت معلومات ورتي. وزيراعظم چيو ته ??تاثرين جي لاءِ خيمن جي کوٽ آهي، حڪومت 7 لک تنبوئن جو آرڊر ڏنو آهي ته جيئن متاثر??ن کي انهن جي گهرن جي تعمير ۽ بحالي تائين رهائش ملي سگهي. وزيراعظم کي پاڪستان نيوي سميت مختلف ادارن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڪيل سرگرمين، ر??لي?? ۽ بحالي تي بريفنگ ڏني.