اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته جعلي خبرون جمهوريت جي لاءِ خطرو ۽ جمهوري حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ ??ن چيو ته 178 پارليامينٽن جي نمائنده تنظيم بين الپارلياماني يونين جي صدر دورتي پشيگو سان سندس ملاقات ٿي آهي ۽ ان ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪهڙي طرح جعلي خبرون جمهوريت جي لاءِ خطرو آ??ن ۽ ا??ي ماڻهن جي جمهوري حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهن ۽ ان سان انساني حقن جي خلاف ورزي ٿئي ٿي.