اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان امن، جمهوريت، انساني حقن، صنفي ??را??ري، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ بين الپارلياماني يونين جي مشن تي قائم رهندو، اميد آهي ته بين الپارلياماني يونين ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن تي وڌندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو ??وٽيس وٺندي، ترقي يافته دنيا گلوبل وارمنگ سان پيدا ٿيندڙ وڏي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو سان وفد سان گڏ ملاق??ت دوران ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، سينيٽر فيصل سليم رحمان ۽ ??اڪ??تان ۾ پرتگال جي سفير پولونيويز پوسينهو پڻ موجود هو. وفد سان ڳ??لهائيندي صدر بين الپارلياماني يونين جي مشن تي ??اڪ??تان جي قائم رهڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته ??اڪ??تان امن، جمهوريت، انساني حقن، صنفي ??را??ري، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ بين الپارلياماني يونين جي مشن تي قائم رهندو، ??اڪ??تان بين الپارلياماني يونين مان تمام گهڻي اميد رکي ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني هق برقرار رکڻ ۽ تڪرار جي حل ۾ اهم ڪردار جي اميد ڪري ٿو، اميد آهي ته بين الپارلياماني يونين ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن تي وڌندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو ??وٽيس وٺندي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دنيا جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، دنيا جي ڪيترن ئي حصن خاص طور تي ??اڪ??تان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ماحولياتي تباهي جي اثرن ۽ ڪاربن جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنگي بنيادن تي سنجيده، بامعنيٰ ۽ موثر قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته افسوس جو ??اڪ??تان کي گلوبل وارمنگ جي بدترين اثرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ ??اڪ??تان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. صدر عارف علوي چيو ته بين الپارلياماني يونين ماحولياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني سطح تي قدم کڻي. هن چيو ته ??اڪ??تان اڪيلي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي، لکين گهرن ۽ اهم انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جو ڪم نه ٿو ڪري سگهي، ترقي يافته دنيا گلوبل وارمنگ سان پيدا ٿيندڙ وڏي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي مدد ڪري. بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو ٻوڏ جي ڪري فوتگين، ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بين الپارلياماني فورم هڪ گهڻ رخي فورم هجڻ جي ناطي دنيا کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، دنيا جو ڪو به ملڪ ٻين ملڪن جي گڏيل تعاون کانسواءِ درپيش مسئلن کي حل نه ٿو ڪري سگهي.