ڪراچي – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آڊيو ليڪ ٿيڻ جي واقعن کي ڳڻتي جوڳو رجحان قرار ڏيندي چي?? ته نجي ڳالهه ٻولهه جو ليڪ ٿيڻ ”غيبت“ جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، هر شخص جي رازداري هڪ امانت آهي جنهن کي برقرار رکڻ گهرجي، نجي ڳالهه ٻولهه يا تبصري کي ليڪ ڪرڻ ۽ جعلي خبرون پکيڙڻ غيراخلاقي آهي ۽ ان سان معاشري ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ٿو. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صد?? ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چي?? ته اسان جي معاشري کي غيبت ۽ جعلي خبرن جو مسئلو درپيش آهي جيڪو عام طور تي ڪنهن واقعي کي حوالو ۽ حقيقت کان هٽي ڪري بيان ڪرڻ بابت آهي. هن چي?? ته اسان کي پاڻ ڊسپلين جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن جي نجي ڳالهه ٻولهه ۾ دلچسپي نه وٺون جيڪو اڪثر ماڻهن ۽ ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي خرابي جو سبب بڻجي وڃي ٿو. هن چي?? ته ٽيڪنالاجي جي ڦهلاءُ جي ڪري م??لومات جي ليڪ ٿيڻ ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته 95 سيڪڙو سوشل ميڊيا ڪارائتي م??لومات ۽ اطلاعات ف??اه?? ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته رڳو 5 سيڪڙو سوشل ميڊيا مبينا جعلي خبرن ۾ ملوث سمجهي وڃي ٿي. هن چي?? ته سوشل ميڊيا کي ضروري م??لومات ۽ علم جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن سياسي حريفن سان خاص طور تي عوامي پليٽ فارم تي مهذب رويي تي پڻ زور ڏنو. هن زور ڏن?? ته سياستدان قوم کي فڪري طور تي م??بوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فڪري قوت اسان جي ملڪ کي گهٽ کان گهٽ مدي ۾ مضبوط بڻائي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چي?? ته رابطن جي کوٽ، بدعنوان ۽ اقرباپروري اهي برايون آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر قوم کي مناسب قدم کڻڻ گهرجن. صد?? چي?? ته دنيا سائبر سيڪيورٽي ۾ اهم ايجادون ۽ اڳڀرائي ڪئي آهي جيڪو ڪنهن به قوم جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ اهم شعبو بڻجي ويو آهي، پاڪستان کي استحڪام ۽ ترقي جو بنياد رکڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ پرعزم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ شروع کان ئي ڪرپشن جو تاثر موجود رهيو آهي جڏهن ته ڌرين جي ملي ڀڳت جي ڪري وائٽ ڪالر ڪرائيمز جي ڪيسن ثابت ڪرڻ مشڪل ڪم بڻجي ويو آهي. صد?? چي?? ته هن نيب ترميمي بل کي بنا صحيحن جي ان ڪمنٽ سان واپس ڪي?? ته وائٽ ڪالر ڪرائم ۾ دولت جمع ڪرڻ کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري اسلام سان گڏوگڏ برطانيا ۽ سوئٽزرلينڊ جهڙن ملڪن جي ڪيترن ئي قانونن ۾ به جوابدار تي آهي. هن چي?? ته هو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ڌرين کي مناسب سطح تي م??اورت، ڳالهه ٻولهه جي جمهوري طريقن جي ذريعي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ هڪ نازڪ معاشي صورتحال جهڙا ڪجهه حقيقي م??ئلا درپيش آهن جنهن جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ مقصد تي م??حد ٿيڻ جي ضرورت آهي. صد?? چي?? ته حڪومت، ادارا، سول ۽ ملٽري ۽ ٻيون ڌريون سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي گلوبل وارمنگ جي ڪري ايندڙ سپر فلڊ جي متاثرينجي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. هن امداد جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ جي لاءِ فول پروف نظام قائم ڪرڻ ۽ چوري روڪڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران قرضن ۾ رعايت حاصل ڪرڻ جهڙيون ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿينديون جنهن سان امدادي ڪوششن ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وسيلا ف??اه?? ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صد?? اين جي اوز، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ دل کولي عطيو ڏيڻ جي اپيل کي پڻ ورجايو. هن چي?? ته اسان کي شهري دفاع جي تربيتي پروگرامن کي بحال ڪرڻ گهرجي ۽ گرلز اينڊ بوائي اسڪائوٽس ۽ اهڙي طرح جي ٻين تنظيمن کي فعال ڪندي انهن جي تربيت جو اهتمام ڪرڻ گهرجي، ماڻهن کي آفتن کان بچاءُ جي طريقن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي هر طرح جي آفت جي صورت ۾ متاثرين کي فوري ابتدائي طبي امداد جي ف??اه??ي سان گڏوگڏ انتظاميا جي معاونت ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن.